SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


واسطيداري- ڳانڍاپو


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


واسطيداري- ڳانڍاپو

Linkage

لنڪيج

بين الاقوامي تعلقات جي علم ۾ ڳانڍاپي يا لاڳاپي (Linkage) واري عمل کي، پرڏيهي پاليسيءَ جي حصي ۽ سفارتڪاري واري سرگرميءَ جي حوالن سان ڌار ڌار حيثيت حاصل آهي. ”لنڪيج“ جي طريقئه ڪار مطابق، دنيا جو هرمعاملو هڪ ئي وقت ملڪي معاملن ۽ پرڏيهيءَ پاليسي سان جڙيل هوندوآهي، پر جيئن ته پرڏيهي پاليسي ٺاهيندڙن جو دائرو صرف بين الاقوامي معاملن تائين محدود هوندو آهي، انهيءَ ڪري سفارتڪار ڪيترا اهم مسئلا ”لنڪيج“ واري عمل جي مدد سان حل ڪندا آهن. مثال طور: 9 سيپٽمبر 2001ع تي آمريڪا مٿان ٿيل دهشتگرديءَ وارن واقعن کان پوءِ، آمريڪا طرفان جيڪا دهشتگرديءَ خلاف جنگ (War on Terror) شروع ڪئي وئي، انهي ءَ ۾ پاڪستان جو ڪردار تمام گهڻو اهم آهي، پر پاڪستان جي حڪومت ”وار آن ٽيرر“ ۾ آمريڪا جو ساٿ ڏيڻ وقت، ان کي داخلي حقيقتن يا ملڪي پاليسيءَ سان نه جوڙيو هو، بلڪ ”وار آن ٽيرر“ جي ”لنڪيج “ فقط پاڪستان جي پرڏيهي پاليسيءَ سان لاڳاپيل هئي. انهيءَ ڪري مُختلف مرحلن منجهان گذرڻ کان پوءِ، پاڪستان طرفان ”وار آن ٽيرر“ جي حوالي سان ملڪي ۽ بين الاقوامي سطح تي جاري رکڻ لاءِ جنگ سان گڏوگڏ سفارتڪاريءَ جو سهارو به ورتو ويو. ساڳي طرح آمريڪا طرفان ايراني نيوڪليائي پروگرام کي دُنيا لاءِ خطري“ سان ”لنڪيج“ ڏيڻ کانپوءِ، هي مسئلو پڻ ڪنهن ملڪ جي پرڏيهي پاليسيءَ جي ترجيحن ذريعي نه، پر دُنيا جي مُختلف سفارتي حلقن وسيلي حل ڪرڻ جون تجويزون ڏنيون ويون. 1960ع جي دوران نامياري سياسي دانش ور ”جيمس روزنؤ“ جڏهن ”لنڪيج“ جي اصطلاح کي متعارف ڪرايو هو ته هن مُختلف صورتحالن ۽ معاملن کي سامهون رکي ”لنڪيج“ بابت وضاحتون ڏنيون هيون. روزنؤ مطابق بظاهر ڪنهن هڪ مُلڪ سان لاڳاپيل هر اهم معاملو اصل ۾ ڪنهن نه ڪنهن طرح سان، مختلف ملڪن ۽ مسئلن سان پڻ واسطو رکي ٿو. انهيءَ ڪري ڪنهن به معاملي بابت ويچارڻ دوران ضروري آهي، ته ان سان لاڳاپيل چٽن توڙي اڻ چٽن محرڪن ۽ مامرن تي به غور ڪيو وڃي، ته جيئن وارتائن جا پس منظر به ڳڻپ ۾ اچي سگهن. ڪنهن به مسئلي جي ان طريقي سان ڇنڊڇاڻ کان پوءِ ئي اُن جو مناسب حل به معلوم ٿي سگهي ٿو


Remember Me Also:

ڇوٽي

ث. ننڍي. ٿوري. بِندرِي. ڇُونٽي نڪ جي.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal